شفيع محمد چانڊيو

شفيع محمد چانڊيو

شفيع محمد چانڊيو

شفيع محمد چانڊيو: نامور تعليمي ماهر، شاعر، اديب ۽ سماج سڌارڪ شفيع محمد ولد جمع خان چانڊيو، 5 مئي 1954ع تي ڳوٺ بچل خان چانڊيو، هاڻوڪي تعلقي قاسم آباد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بچل سومرو مان، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد: انٽر سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان، ايم. اي (سماجيات )۽ ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين، جنهن بعد سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. هن جو شاگرديءَ واري دور کان وٺي سماجي ڪمن طرف گهڻو لاڙو رهيو. عام ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ ڪيترين ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان پڻ واڳيل رهيو آهي. انهن تنظيمن مان سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) جو جنرل سيڪريٽري، سگا هيلٿ جو ڊپٽي سيڪريٽري، سنڌ فرينڊز آرگنائيزيشن جو صدر، مهراڻ ڊرامئٽڪ سوسائٽي سنڌ جو چيئرمين، سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن (سچوا) جو صدر، سنڌي ادبي سنگت ڄام شوري جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڳوٺ سڌار سنگت جو مرڪزي عهديدار پڻ رهي چڪو آهي. هن انهن تنظيمن جي پليٽفارم تان جاکوڙيندي حيدرآباد شهر ۾ سگا سلاوٽ روشن تارا اسڪول، ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ ڳوٺ بچل خان چانڊيو ۾ گرلس پرائمري اسڪول ۽ گرلس هاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ ۽ دوآٻي جي سڀني ڳوٺن ۾ بجلي، پاڻي، صحت ۽ تعليم جون سهولتون مهيا ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1983ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو، جنهن دوران پهرئين کان ٻارهين درجي تائين جي سنڌي ۽ اردو درسي ڪتابن جي تياري، ايڊيٽنگ، نظرثاني، نگراني ۽ ڇپائي وغيره جون ذميواريون نڀايون اٿائين. 4 آڪٽوبر 2014ع تي رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ بعد به سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ نصاب سازي ۽ درسي ڪتابن جي تياريءَ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين، تربيتي پروگرامن ۽ سيمينارن ۾ شريڪ ٿي تجويزون پيش ڪندو رهي ٿو. سندس لکڻ پڙهڻ سان شاگرديءَ واري دور کان ئي گهري دلچسپي رهي آهي. هن شاعري پڻ ڪئي آهي. ان کان علاوه تحقيق جي حوالي سان ‘دوآٻي جي ڳوٺن جا سماجي مسئلا’ (ٿيسز) ۽ ‘محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڊرامانگاري’ (ٿيسز) اهم ڪم آهن. پاڻ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تنقيدي ۽ اصلاحي مضمون پڻ لکندو رهي ٿو. کيس علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪار اوارڊ، محڪماتي اوارڊ ۽ ٻيا اوارڊ ملي چڪا آهن، ان کان سواءِ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا آهن. پاڻ ايران، عراق، اردن، شام ۽ عربستان جا دورا ڪري چڪو آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ‘اوسيئڙن ۾ نيڻ’ (شاعري)، (2) ‘محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سندس ڊرامانگاري’، (3) ‘اندر جن اجاريو’ (مختلف شخصيتن جا شفيع چانڊئي بابت تاثر) قابل ذڪر آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.05.05  عيسوي

نامور تعليمي ماهر، شاعر، اديب ۽ سماج سڌارڪ شفيع محمد ولد جمع خان چانڊيو، 5 مئي 1954ع تي ڳوٺ بچل خان چانڊيو، هاڻوڪي تعلقي قاسم آباد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد يعقوب قاضي
رانجهاڻي عزيز
صاحب سنگهه بولسنگهه
امر جماڻي ڏيپلائي
سمرسيٽ ماهم
وينا شرنگي
ديوان ننديرام
حميد سنڌي
قادر بخش مخلص چانڊيو
عزيز حامد مدني
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون